خيبر پختونخوا

خيبر پختونخوا: خيبر پختونخوا، پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ آهي، ماضيءَ ۾ هن کي سرحد (N.W.F.P) صوبو چيو ويندو هو. هيءُ صوبو 74521 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضيءَ ۽ اٽڪل 22 ملين جي آباديءَ تي مشتمل آهي. هيءُ صوبو ٽن اهم انتظامي حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصي جنهن ۾ ائبٽ آباد، بنو، بٽگرام، چارسده، ديرا اسماعيل خان، هانگو، هري پور، ڪوهستان، ڪوهاٽ، لڪي مروت، مانسهره، مردان، نوشهرا، صوابي، پشاور ضلعا شامل آهن. ٻئي حصي ۾ مالاڪنڊ ايجنسي، اپر دير، لوئر دير، چترال، سوات، شانگلا جا ضلعا، ان کان سواءِ ڪالا ڍاڪا جو حصو، ڪارا جبل، ڪوهستان، (جتي تربيلا ڊيم آهي) شامل آهن. صوبي جي ٽئين حصي ۾ قبائلي علائقو فاٽا (Fata) آهي، جيڪو 27,220 چورس ڪلوميٽر پکڙيل آهي ۽ لڳ ڀڳ 3,76400 جي آباديءَ تي مشتمل آهي، ان حصي ۾ 7 قبائلي ايجنسيون (Federal Agencies) ۽ 6 سرحدي علائقا (Frontier Regions) شامل آهن. قبائلي ايجنسين ۾ باجوڙ، مهمند، خيبر، اورڪزئي، ڪـرم، اتـر وزيـرسـتـان ۽ ڏکـڻ وزيـرسـتـان شـامـل آهـن. سـرحـدي عــلائقن (Frontier Regions) ۾ بنو، مرڪزي ڪُرم، ديرا اسماعيل خان، ڪوهاٽ، لڪي، پشاور ۽ ٽانڪ شامل آهن. سرحدي علائقا ۽ قبائلي ايجنسيون سڌو سنئون گورنر جي ماتحت هونديون آهن. خطي جو اتريون علائقو ٿڌو، برفاني سيارا، سخت برساتون ۽ خوشگوار اونهارا ٿيندا آهن.
هن صوبي جو ڏاکڻو علائقو گرم اونهارن ۽ نسبتاً گهٽ سرديءَ جي حوالي سان مشهور آهي. خيبر پختونخوا جي وڏن اهم درياهن ۾ ڪابل ندي، سوات ندي، چترال ندي، پنجگورا ندي، آراندي، ڪرم ندي، گومل ندي ۽ زوب ندي شامل آهن. هتان ئي سنڌو نديءَ جو گذر آهي، جنهن کي اُتي اباسين سڏيو وڃي ٿو. اٽڪ وٽ سنڌوءَ ۾ پهاڙين ندين جي پاڻي داخل ٿيڻ ڪري هڪ طرف سفيد ۽ ٻئي طرف ميرانجهو پاڻي ڌار ڌار وهڪرن ۾ نظر اچي ٿو. اهو نظارو شاهه لطيف جي بيت جو عڪس نظر اچي ٿو:
’لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو‘!
هتي جون سبز ماٿريون ۽ برف سان ڇانيل پهاڙي چوٽيون خوبصورتيءَ سبب سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آهن. ڪنهن دور ۾ هي خطو گنڌارا تهذيب جو مرڪز رهيو آهي، جيڪو هن وقت هتي جي مسلمانن جي مذهب ۽ ثقافت جو مرڪز آهي. زراعت هتي جي اهم معاش جو ذريعو آهي. خيبر پختونخوا جيئن ته هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، ان جو ثبوت هتي ٻڌ مذهب جو تخت ڀئي نالي هڪ قديم يادگار آهي، جيڪو تقريباً هڪ ق. م کان به اڳ جو آهي. هن صوبي ۾ پٺاڻ قبيلن کان سواءِ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ رهن ٿا.
هتي خار، هندڪو، ڪوهستاني، شينا، توروالي، ڪشميري، ڪلاشا ۽ ڪاغاني ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. افغانين جي هجرت سبب هتي غزالي، دراني، قبيلا، ان کان سواءِ سوين هزارين فارسي ڳالهائيندڙ تاجڪ ۽ هزاره به هتي اچي آباد ٿيا آهن. صوبي جا تقريباً سڀ رهاڪو سني مسلمان آهن ۽ هت ڪجهه تعداد اسماعيلي شيعن جو پڻ رهندڙ آهي.
سياسي لحاظ کان هن وقت خيبر پختونخوا ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي حڪومت آهي. طالبانن جي پاڪستاني ڌڙن جي انتهاپسند ڪاررواين سبب هن خطي کي سماجي، معاشي توڙي سياحتي حوالي سان تمام گهڻو نقصان رسيو آهي، جنهن ۾ ٻڌ ڌرم جي تاريخي نشانن کي پهتل نقصان به شامل آهي پر فوجي آپريشن بعد هاڻي ڪجهه قدر امن ٿيو آهي. معدنيات توڙي خشڪ ميون جي پيداوار سبب هي صوبو وڏي اهميت رکي ٿو.


لفظ خيبر پختونخواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو